Saturday, December 6, 2008

حفيظ آزاد تُنيو قديم سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو

سنڌ ما جڏهن سمنڊ هٽي پري ٿيو تهه اول ڪهڙين قومن اهي وارياسا پٽ اچي وسايا سا سڌ ته پئجي ڪانه سگهي آهي جنهن زماني يعني (Tertiary age) ۾ سنڌ جي زمين ظاهر ٿي هئي تنهن زماني جي ماڻهن جا جسم پنڊ (جسم) پهڻ ٿي ويا آهن. ان دور جي وڻن ٽڻن جو به اهو حال آهي. ان ڪري اهي پنڊ پهڻ ٿيل انسان ئي سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو چئبا. پر عالمن کي کوجنائون ڪندي ايترو معلوم ٿيو اهي ته موجوده قومن مان قديم ۾ قديم لوڪ جن اترهندستان وسايو سي هوڻوڪن سنٿالن، ڀيلن، منڊلوڪن، جا ابا ڏاڏا هئا. اهي سنڌ ۾ به هئا يا نه هئا، تنهن بابت پهرين اسان کي اڪابه پڪ ڪانه هئي، پر پوءِ ڪن جو کوپڙيون سيوهڻ کان سڏ پنڌ تي لڌيون ته پوءِ پڪ ٿي ته سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو اهي ڪول ۽ سنٿال هيا. ايئن 1923ع ۾ ڪولن ۽ سنٿالن جو کوپڙريون موهن جي دڙي مان به لڌيون هيون جيئن ته اڳ وارا انسان پنڊ پهڻ شڪل اختيار ڪري ويا آهن، ان ڪري انهن تي ڪابه تحقيق نه ٿي ان ڪري انهن ڪول ۽ سنٿال قومن کي ئي سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو سمجهڻ گهرجي، هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تته اهي سنٿال ۽ ڪول آيا ڪٿان؟

يورپ ۽ اسانجي ملڪن ۾ فرق

اسان سنڌ جي اوڏن جي شادي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ دهلي کان نڪتا هئاسين ۽ آگري کان ٿي بڙودا وڃڻا هئاسين