Tuesday, January 20, 2009

ويد حفيظ آزاد تُنيو

رگويد ويدن مان پهريون مقدس ڪتاب آهي. جيڪو آريا عالمن هندستان ۾ يا سنڌونديءَ جي ڪپر تي رهندڙ آريا عالمن لکيو هو. ويد جي لکجڻ بابت مختلف رايا آهن. گهڻا عالم چون ٿا ته رگويد سنڌ ۾ لکيو ويو ۽ ڪن جو خيال آهي ٿي رگويد هندستان ۾ لکيو ويو.
To read detail please visit below link and comment

Saturday, December 6, 2008

حفيظ آزاد تُنيو قديم سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو

سنڌ ما جڏهن سمنڊ هٽي پري ٿيو تهه اول ڪهڙين قومن اهي وارياسا پٽ اچي وسايا سا سڌ ته پئجي ڪانه سگهي آهي جنهن زماني يعني (Tertiary age) ۾ سنڌ جي زمين ظاهر ٿي هئي تنهن زماني جي ماڻهن جا جسم پنڊ (جسم) پهڻ ٿي ويا آهن. ان دور جي وڻن ٽڻن جو به اهو حال آهي. ان ڪري اهي پنڊ پهڻ ٿيل انسان ئي سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو چئبا. پر عالمن کي کوجنائون ڪندي ايترو معلوم ٿيو اهي ته موجوده قومن مان قديم ۾ قديم لوڪ جن اترهندستان وسايو سي هوڻوڪن سنٿالن، ڀيلن، منڊلوڪن، جا ابا ڏاڏا هئا. اهي سنڌ ۾ به هئا يا نه هئا، تنهن بابت پهرين اسان کي اڪابه پڪ ڪانه هئي، پر پوءِ ڪن جو کوپڙيون سيوهڻ کان سڏ پنڌ تي لڌيون ته پوءِ پڪ ٿي ته سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو اهي ڪول ۽ سنٿال هيا. ايئن 1923ع ۾ ڪولن ۽ سنٿالن جو کوپڙريون موهن جي دڙي مان به لڌيون هيون جيئن ته اڳ وارا انسان پنڊ پهڻ شڪل اختيار ڪري ويا آهن، ان ڪري انهن تي ڪابه تحقيق نه ٿي ان ڪري انهن ڪول ۽ سنٿال قومن کي ئي سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو سمجهڻ گهرجي، هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تته اهي سنٿال ۽ ڪول آيا ڪٿان؟

يورپ ۽ اسانجي ملڪن ۾ فرق

اسان سنڌ جي اوڏن جي شادي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ دهلي کان نڪتا هئاسين ۽ آگري کان ٿي بڙودا وڃڻا هئاسين

Wednesday, October 22, 2008

سنڌ- درد، دوا، حبيب طبيب، سڀ ساڳيا! عاجز جمالي

هـُو سنڌ جو هڪ آئيڊيل ڪردار آهي. لکيو پڙهيو ماڻهو، سوچ ۽ ساڃهه جا ڏس ڏيندڙ ماڻهو، سندس اڇا وار ۽ ماٺيڻي طبيعت اڄ به سنڌ جي هـِن جبل جيڏو آسرو سمجهي ويندڙ شخص جي رواداريءَ جي ثابتي ڏين پيا. هڪ ايماندار، سنڌ جي گڏيل حق لاءِ سڄي حياتي ايمانداريءَ سان ڪم ڪندڙ اسان جو سماجي اڳواڻ، هي منهنجي ذاتي راءِ آهي پنهنجي اندر جي ايمانداريءَ سان چوان ٿو ته ڊاڪٽر سليمان شيخ جهڙا ڏهه پندرنهن ايماندار ۽ سنجيده سنڌي اڳواڻ هـُجن ته گهٽ ۾ گهٽ گهڻو ڪجهه نه ته به ڪجهه نه ڪجهه ٿي سگهي ٿو. کيس گهڻي وقت کان پوءِ مون کيس ڏاڍي ڏکاري تقرير ڪندي ٻڌو، هڪ ڏاڍي ڌيان ڇڪائيندڙ سچ، جيڪو سندس اندر جو ڪڙاڻ سمجهي هـُو بار بار چئي رهيو هو ته هي سچ ڏکي لڳي ته معاف ڪجو پر اسان سنڌي کوڙ ڳالهين جا ڏوهاري پاڻ آهيون

سنڌ جي جاگرافي حفيظ آزاد تُنيو

سنڌ جنهنجو صحيح نالو سنڌو آهي سو شروعاتي طرح ان نديءَ جو نالو آهي جيڪا مشرق ۾ سنڌوندي ۽ مغرب ۾ طور سڃاتي وڃي ٿي. اهو غلط اُچار ان ڪري قائم رهيو جو اهو سڪندر اعظم جي ساٿين سندس ڪا هن جي تذڪرن ۾ ڪتب آندو هو. مشرقي اُچارن ۾ اهڙي ڦير گھير ٿيندي رهندي آهي. حضرت عيسى عليه سلام کان هڪ صدي پوءِ هڪڪتاب ۾ سنڌ جو نالو سنٿاس ڏنل آهي جيڪو سنڌوءَ جي وڌيڪ قريب آهي. بعد ۾ سنڌ جو نالو انهيءَ ملڪ تي پيو جنهن کي سنڌوءَ جو هيٺيون وهڪرو رچائي ٿو.

Wednesday, October 15, 2008

مظهر علي ابڙو سهڻي تنهنجا سور

اڄ جڏهن مان سوچان پيو ته ڪجهه عورت تي به لکجي ته مونکي هُن جا اهي لفظ ياد اچن پيا ته جڏهن آءَ ڪچهري ڪندي هُن کي چيو هيو ته عورت ڪيتري نه معصوم آهي. هت عورت تي حد کان وڌيڪ ظلم ٿئي پيو. عورت کي ان جا حق ڏيڻ گھرجن تڏهن چيو هئائين ته تون به عام مردن جيئان اهي لفظ چئي معيار پيو لاهين. چيو هيو مانس ڀلا ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگھان. آءَ ته هڪ مفلس ماڻهو آهيان. انهن لفظن کانسواءِ آءَ وٽ ٻيو آهي به ڇا؟ چيو هيائين ته پوءِ اهڙي خالي همت افزائي جي ڪا ضرورت به نه آهي.
تفصيل