هـُو سنڌ جو هڪ آئيڊيل ڪردار آهي. لکيو پڙهيو ماڻهو، سوچ ۽ ساڃهه جا ڏس ڏيندڙ ماڻهو، سندس اڇا وار ۽ ماٺيڻي طبيعت اڄ به سنڌ جي هـِن جبل جيڏو آسرو سمجهي ويندڙ شخص جي رواداريءَ جي ثابتي ڏين پيا. هڪ ايماندار، سنڌ جي گڏيل حق لاءِ سڄي حياتي ايمانداريءَ سان ڪم ڪندڙ اسان جو سماجي اڳواڻ، هي منهنجي ذاتي راءِ آهي پنهنجي اندر جي ايمانداريءَ سان چوان ٿو ته ڊاڪٽر سليمان شيخ جهڙا ڏهه پندرنهن ايماندار ۽ سنجيده سنڌي اڳواڻ هـُجن ته گهٽ ۾ گهٽ گهڻو ڪجهه نه ته به ڪجهه نه ڪجهه ٿي سگهي ٿو. کيس گهڻي وقت کان پوءِ مون کيس ڏاڍي ڏکاري تقرير ڪندي ٻڌو، هڪ ڏاڍي ڌيان ڇڪائيندڙ سچ، جيڪو سندس اندر جو ڪڙاڻ سمجهي هـُو بار بار چئي رهيو هو ته هي سچ ڏکي لڳي ته معاف ڪجو پر اسان سنڌي کوڙ ڳالهين جا ڏوهاري پاڻ آهيون
Wednesday, October 22, 2008
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment